اسلام آباد – 19 جنوري (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين جي بئنڪ اڪا??ون??س ڊيٽا گهرائي، (ن) لي?? فنڊنگ ڪي?? ۾ ??راريت اختيار ڪرڻ چاهي ٿي. مملڪتي وزير فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته (ن) لي?? چاهي ٿي ته انهن جي اڪا??ون??س جي ڇنڊڇاڻ نه ٿئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ڊونرز جو حساب ڏنو، وڌيڪ ڇنڊڇاڻ جي لاءِ به تيار آهي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) لي?? جي اڪا??ون??س جي ڇنڊڇاڻ پڻ مڪمل ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني کي پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ گهرجي، مريم، بلاول ۽ مولانا وڏي فنڊ??گ جون ڳالهيون ڪندا هئا، پي ٽي آءِ جي خلاف اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه به ثابت نه ٿيو، پاڪستان ۾ سياسي پارٽين جي اڪا??ون??س جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ خوش آئنده آهي، اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کان سمورين سياسي پارٽين جي اڪا??ون??س جا تفصيل وٺي. مملڪتي وزير چيو ته سياسي پارٽين جي اڪا??ون??س ۾ شفافيت هجڻ گهرجي.