اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي 20 رڪني مرڪزي ايڊوائيزري ڪميٽي جي نالن جو ن??ٽ??فڪ??شن جاري ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ وزيراعظم عمران خان پاران اهو ن??ٽ??فڪ??شن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽ??فڪ??شن موجب ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، دفاع واري وز??ر پرويز خٽڪ، عامر محمود ڪياني، وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، علي زيدي، حماد اظهر، علي امين گنڊاپور، شيرين مزاري، مراد سعيد، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، سينيٽر سيف الله خان نيازي ۽ خان محمد جمالي شامل آهن.