اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي مشهور تجزيه ڪارن افغانستان جي موجوده صورتحال تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ميزباني ۽ پا??يسري ملڪن جي ڀلائي لاءِ اسلامي ملڪن کي شامل ڪرڻ لاءِ پا??ستان جي قدمن کي ساراهيو آهي. عالمي لاڳاپن جي ماهر ڊاڪٽر اي زيڊ هلالي ريڊيو پا??ستان جي ڪرنٽ افيئر پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته پا??ستان افغانستان کي ٻين ملڪن سان ملائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، هن وڌيڪ چيو ته پا??ستان طالبان جي حڪومت کي عالمي سطح تي تسليم ڪرڻ لاءِ د??ست ملڪن سان گڏجي هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي جي پنهنجي بهترين مفاد ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پا??ستان طالبان جي حڪومت کي عالمي سطح تي تسليم ڪ??ڻ جي لاءِ د??ست ملڪن سان گڏجي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. وڌيڪ اقتصادي بحران کان بچڻ لاءِ آمريڪا کي افغانستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ تي راضي ڪ??ڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته افغانستان کي نازڪ صورتحال مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪو رستو ڪڍڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو ڄاڻي چڪا آهن ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي پر ڳالهيو?? ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. عالمي لاڳاپن جي ماهر ڊاڪٽر هما بقائي وڌيڪ چيو ته هي عالمي برادري جي ذميداري آهي ته هو نه رڳو افغان عوام جي خاطر پر عالمي امن جي لاءِ به صورتحال جو جواب ڏي. هن چيو ته ان معاملي کي سمورن ??ورمن تي کڻڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته وقت جي ضرورت آهي ته مسلمان ملڪ متحد ٿي وڃن ۽ افغانستان کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ مناسب قدم کڻن. دفاعي تجزيه ڪار ميجر جنرل (ر) اعجاز اعواڻ چيو ته پا??ستان هڪ ڪوشش ڪئي آهي ڇو ته افغانستان سنگين بحرانن ۾ آهي خاص طور تي معاشي بحران جو افغان عوام جي روز مره زندگي کي متاثر ڪري رهيو آهي جيڪو گذريل 4 ڏهاڪن کان پهري?? ئي ٻاهرين حملن جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار هو. هن وڌيڪ چيو ته پا??ستان بجا طور تي دنيا تي زور ڏئي رهيو آهي ته هو موجوده افغان حڪومت ۽ افغان عوام کي مدد فراهم ڪري. هن چيو ته پا??ستان کان وڌيڪ فڪرمند ڪو ٻيو نه آهي ڇو ته ان جي جنگ سٽيل ملڪ سان ڊگهي سرحد گڏيل آهي ۽ هو پهري?? ئي تقريبن 30 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي.