اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورش??د ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سياحت جي فروغ ۽ شهرن جي منصوبابندي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وڏي وزير مجموعي طور تي انفراسٽرڪچر جي صورتحال ۽ بحالي تي پڻ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. گلگت بلتستان ترقياتي پئڪيج تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعطم عمران خان چيو ته گلگت ۾ سياحت جي ترقي ??وشحالي جو سبب بڻجندي.