اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي م??تقل حمايت جي عزم کي و??جايو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وز??راعظم عمران خان فلسطيني صدر سان فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??راعظم مسجد اقصيٰ ?? بيگناهه نمازين تي حملن ۽ غزه ۾ اسرائيل پاران فضائي حملن جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي شهري م??رجي ويا. وز??راعظم فلسطيني صدر کي انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي اهڙي طرح جي خلاف ورزين جي خلاف عالمي برادري کي م??حرڪ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو يقين ڏياريو.