اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستان جي ڏهاڙ?? تي پوري پاڪستاني ق??م خاص طور تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، ڪشمير 1947ع جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڪشمير جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقع?? تي وچن ڪريون ٿا ته ڪشميرين جي هر ممڪن سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي مدد جاري رکنداسين، اڄ جو ڏينهن اسان کي هن ملڪ جي ٺهڻ ۾ اسان جي بزرگن جي ڏنل قربانين جي ياد ڏيا??ي ٿو. اڱاري ڏينهن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقع?? تي پنهنجي پيغام ۾ شهريار آفريدي چيو ته اهو ئي سبب آهي جو اسان والاريل ڪشمير ۾ رهندڙن تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، نظريو پاڪستان ئي ق??ام پاڪستان جو بنياد بڻيو، جنهن تح?? مسلم??ن قيادت هندو توا ذهنيت جي اثر هيٺ رهڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڌار ملڪ جي ق??ام لاءِ جدوجهد ڪئي.