اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي منصوبا موجوده حڪومت جي ترجيحي منصوبن ۾ ش??مل آهن، ان تي ٽائيم لائنز موجب عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي سٽي منصوبي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرا??ي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ راوي سٽي منصوبي جي اڳڀرائي ۽ راوي سٽي ۾ ايگري فارمنگ جي شعبي ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرا??ي تي به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. لا??ور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي بابت به اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته راوي سٽي منصوبو لا??ور شهر جي مسئلن جي حل لاءِ اهم اهميت رکندڙ آهي. راوي سٽي منصوبي سان لا??ور سميت پوري صوبي ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون.