اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ??سا?? پاڪستان سميت پوري خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جا خواهشمند آهيون، ڏکڻ ايشيا جي قيادت تعصب ۽ مذهبي انتهاپسندي جي سياست ترڪ ڪري، ??سا?? جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، دفاعي شعبي ۾ ڀاڻڀرو ٿيڻ جي منزل حاصل ڪري چڪا آهيون، ا??لامو فوبيا جو متحد ٿي مقابلو ڪيو وڃي. اهڙا خيال هن پاڪستان ڏهاڙي جي مناسبت سان پريڊ کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته پوري قوم سميت پاڪستاني فوج کي پاڪستان جي ڏهاڙي جي مبارڪ هجي، پريڊ ۾ شرڪت ڪندڙ دوست ملڪن ۽ هوابازن جو ٿورائتو آهيان. هي ان ڳالهه جو دليل آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دوست ملڪ ??سا?? سان گڏ آهن، هن چيو ته يوم پاڪستان هند جي مسلمانن جو ڌار تشخص ۽ مذهبي آزادي جي وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي. اها پهرين جامع دستاويز هئي جنهن جي بنياد تي هندستان جي مسلمانن جي مستقبل ۽ آزادي جو تعين ڪيو ويو، علامه اقبال جي فڪر ۽ قائداعظم جي قيادت ۾ 7 سالن ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. صدر چيو ته علمي، اقتصادي، سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ ترقي سان گڏوگڏ دفاعي شعبي ۾ خود انحصاري جي منزل حاصل ڪري چڪا آهيون. پاڪستان ايٽمي قوت آهي. هن چيو ته ??سا?? جون دلير ۽ بهادر فوجون ??سا?? جي خودداري ۽ غيرت جي عڪاس آهن. هٿياربند فوج جي ملڪ جي دفاع لاءِ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جنگ هجي يا افراتفري، اندروني امن ۽ امان، حادثن يا قدرتي آفتن جي صورتحال هجي هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي . صدر چيو ته پاڪ فوج جا جوان پهاڙن، صحرائن، دريائن ۽ فضائن ۾ م??ڪي دفاع لاءِ ڏينهن رات چُست ۽ چالاڪ آهن. پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، آپريشن رد الفساد ۾ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي مٽي ۾ ملائي ويو، جنهن جو دنيا اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا کي ڪورونا وبا درپيش آهي، ??سا?? خصوصي آگاهي، نظم ۽ ضبط ۽ ذميداري سان مزدور جو احساس ڪندي ان وبا جو مقابلو ڪيو، ??سا?? ڪورونا وبا تي جلد ضابطو آڻي وٺنداسين تنهن هوندي به احتياط ضروري آهي. هن چيو ته م??ڪي معيشت جي ترقي لاءِ پرعزم آهيون، دنيا جون حالتون تيزي سان بدلجي رهيون آهن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ حرفت ۾ ترقي سان گڏوگڏ سف??رت ۽ معيشت جي شعبن ۾ تيزي سان تبديليون رونما ٿي رهيون آهن، ??سا?? کي پنهنجي ملڪ کي اسلامي ورثي، قومي نظريات ۽ روايتن جو مان رکندي ترقي ۽ جدت کي استعمال ۾ آڻي اسلامي فلاحي جمهوري مملڪت بڻائڻ آهي.