اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) تازو ئي پاڪ بحريه ۾ شامل ڪيل جهاز پي اين ايس تبوڪ ترڪيءَ جي بندرگاهه اڪساز جو دورو ڪيو جتي ترڪ بحريه پاڪ بحريه جي جهاز جو استقبال ڪيو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪمانڊر اڪساز نيول بيس سان ملاقات ڪئ??. م??اقات دوران گڏيل دلچسپي جي پيشيواراڻي معاملن ۽ ٻطرفي سامونڊي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ بحريه جي عملدارن خطي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن کي ساراهيو. پي اين ايس تبوڪ ترڪ بحريه جي جهاز سان گڏيل مشق ۾ پڻ حصو و??تو. پي اين ايس تبوڪ جو ترڪيءَ جو اهو دورو ٻنهي ??لڪن خاص طور تي سامونڊي فوج جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.