اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي کي الله تعاليٰ بي پناهه قد??تي حسن ۽ سياحتي ماڳن سان نوازيو آهي، انهن مقامن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي سان صوبي ۾ سياحت کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوابي ۾ راندين ۽ سياحت جي فروغ جي لاءِ ٿيندڙ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي اسپورٽس جي ڊائريڪٽر جنرل، ڪي پي ڪي جي سياحت جي ايم ڊي ۽ ڊپٽي ڪمشنر صوابي سم??ت لاڳاپيل کاتن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.