اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشن?? ايئر لائنز (پي آءِ اي) ڏيهي توڙي پرڏيهي فضائي آپريشنز ۾ وڏي پيماني تي واڌ جو ??عل??ن ڪيو آهي، جنهن تحت ڪويت، بحريه، دوحه سميت دمام ۽ ??ده لاءِ نيون عالمي اُڏامون آپريشن ۾ شامل ڪيون ويون آهن. پي آءِ اي ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن ڊويزن موجب اندرون ملڪ اُڏامن ۾ ڪراچي ۽ـ پشاور وچ ۾ هفتيوار وڌيڪ اُڏامن سان ملڪي نيٽ ورڪ کي واڌ ڏني وئي آهي. ڪراچيءَ کان پشاور لاءِ ٽين هفتيوار اُڏام 25 جنوريءَ کان شيڊول جو حصو بڻج??دي. پي آءِ اي لاهور کان ڪويت لاءِ به هفتيوار ٻه طرفيون اُڏامون 25 جنوريءَ کان بحال ڪرڻ جو ??عل??ن ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح لاهور کان دمام لاءِ نيون هفتيوار ٻه اُڏامون 22 جنوريءَ کان شروع ٿينديون. قومي ايئر لائن جي سيالڪوٽ کان بحرين لاءِ هفتيوار اُڏام 20 جنوري کان جڏهن ته سيالڪوٽ کان دوحه لاءِ نئين ٻه طرفي هفتيوار اُڏام جي شروعات 21 جنوريءَ کان ٿي??دي. فضائي آپريشن ۾ واڌو اُڏامون سيالڪوٽ کان ??ده لاءِ 20 جنوريءَ کان هلايون وينديون. پي آءِ اي پنهنجن مسافرن جي سهولت کي نظر ۾ ر??ند?? ملڪ اندر توڙي ٻاهر آسان رسائي سميت رابطن کي جوڙڻ لاءِ اهڙن قدمن جو سلسلو مستقبل ۾ به جاري ر??ند??.