اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي ويزن موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميزبانيءَ ۾ 19 ۽ 20 ڊسمبر 2024ع تي 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ميڊيا طرفان جاري بيان موجب 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس هڪ ڏهاڪي جي ڊگهي مُدي کانپوءِ منعقد ٿي رهي آهي. ڪانفرنس اسپيڪر اياز صادق جي ملڪ جي قانونس??ز ادارن وچ ۾ تعاون ۾ واڌ ۽ قانوني چئلينجز کي حل ڪرڻ لاءِ عزم جو اظهار آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته 17هين اسپيڪرز ڪانفرنس 2014ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ منعقد ٿي هئي ۽ هاڻ 10 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس 19 ۽ 20 ڊسمبر تي ان جي ئي صدارت ۾ منعقد ٿي رهي آهي. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي قانونس??ز ادارن جا اسپيڪرز ۽ صدر نشين پنهنجي پارلياماني وفدن سان شريڪ ٿيندا. تحقيق تي ٻَڌل قانونسازيءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ قانونس??ز ادارن وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ جن اهم موضوعن تي توجهه ڏني ويندي انهن ۾ پارلياماني ڪارروائيء?? ۾ ??ظم ۽ ضبط ۽ ڪارڪردگيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ انسٽيٽيوٽ آف ويپس کي وڌيڪ مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ، عوام جي پارليامينٽ تائين رسائي وڌائڻ لاءِ ورچوئل پارليامينٽ جو قيام، پارليامينٽ ۽ عوام وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ، قانونسازيءَ جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم، بين الصوبائي پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ، قانونس??ز ادارن وچ ۾ تجربن ۽ بهترين روايتن جي مٽاسٽا جو طريقيڪار جوڙڻ، پائيدار ترقيءَ جي هدفن جي حاصلات لاءِ قانونس??ز ادارن وچ ۾ رابطن ۾ واڌ، صنفي برابري، نوجوانن جي نمائندگي، ٻارن جي حقن ۽ موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ جهڙا اهم مسئلا شامل آهن. 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس اسپيڪر سردار اياز صادق جو ملڪ جي قانونس??ز ادارن وچ ۾ رابطن، تعاون ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ جي عزم جي عڪاسي آهي. پارلياماني حلقن ۾ ان ڪانفرنس کي وڏي اهميت ڏني پئي وڃي ۽ توقع ڪئي پئي وڃي ته هيءَ ڪانفرنس قانونس??ز ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ، قانونسازيءَ جي عمل کي جديد گهرجن موجب ڪرڻ ۽ مؤثر پارلياماني خدمتن لاءِ هڪ مضبوط فريم ورڪ جوڙڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. هيءَ اهم اجتماعي وفاقي، صوبائي ۽ قانونس??ز اسيمبلين جي وچ ۾ تعاون ۾ واڌ، تجربن ۽ بهترين روايتن جي مٽاسٽا لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪندو، جنهن سان ادارن وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ڪانفرنس افتتاحي ۽ پڄاڻي ۽ سائيڊ لائن اجلاسن کان علاوه مخصوص قومي ??رج??حن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ خصوصي پارلياماني فورمز جن ۾ پائيدار ترقيءَ جا هدف، پارلياماني ٽاسڪ فورس، وومين پارليامينٽري ڪاڪس، ينگ پارليامينٽري فورم، ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪس جا اجلاس پڻ ٿيندا. انهن اجلاسن ۾ پارلياماني ڪوششن کي عالمي ترقياتي ايجنڊا سان هم آهنگ ڪرڻ، فيصلا سازيءَ ۾ عورتن جو ڪردار وڌائڻ، پاليسي سازيء?? ۾ ??وجوانن جي نمائندگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻارن جي فلاح بهبود ۽ تحفظ لاءِ قانونسازيءَ تي توجهه ڏني ويندي. ان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ سينيٽ جو چيئرمين سيد يوسف رضا گيلا??ي سميت پنجاب اسيمبليءَ جو اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه، ڪي پي ڪي اسيمبليءَ جو اسپيڪر بابر سليم سواتي، بلوچستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي، آزاد ڄمون ڪشمير قانونس??ز اسيمبليءَ جو اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلتستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر نذير احمد شرڪت ڪندا. ان کان علاوه ڪانفرنس ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ، چئني صوبائي اسيمبلين، آزاد ڄمون ڪشمير، قانونس??ز اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبليءَ جي ميمبرن جا وفد ۽ سيڪريٽريز پڻ شريڪ ٿيندا.