اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گورننس جي بهتري لاءِ ماهرن جي مقرري سان فيصلاسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي، حڪومت ملڪ جي هر شعبي ۾ بهت??ي جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا لاڳو ڪري رهي آهي، ڊيجيٽائيزيشن، خودڪار نظام ۽ فيصلاسازي ۾ بهتري ئي جديد دور ۾ ترقي ۽ خوشحالي جا ضامن آهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گورننس جي بهت??ي جي لاءِ نئين مقرر ٿيل ماهرن ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گورننس جي بهت??ي جي لاءِ ماهرن جي مقرري سان فيصلاسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي، عوامي مفاد جي اهم فيصلن ۾ ماهرن جي راءِ ۽ تنقيدي ??ائزي کانپوءِ منظوري سان ڏورس نتيجا نڪرندا. هن چيو ته منهنجي لاءِ اها انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان باصلاحيت ۽ پنهنجي شعبن ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ماڻهن جي خدمتن فائدو کڻنداسين، توهان سڀني تي ملڪي معاملن جي فيصلاسازي ۾ ماهراڻي راءِ ۽ تع??يري سوچ شامل ڪرڻ جي اهم ذميو??ري آهي. هن چيو ته پراميد آهيان ته توهان پنهنجون ذميواريون انتهائي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندا. حڪومت ملڪ جي هر شعبي ۾ بهت??ي جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا لاڳو ڪري رهي آهي. ڊيجيٽائيزيشن، خودڪار نظام ۽ فيصلاسازي ۾ بهتري ئي جديد دور ۾ ترقي ۽ خوشحالي جا ضامن آهن. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هي ماهر پنهنجي شعبن ۾ حڪومت کي ماهراڻي ۽ تنقيدي ??اءِ ۽ جائزو ڏيندا جنهن سان مختلف سيڪٽرز ۾ بهتر فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن و??ري وفاقي وزير احد خان چيما، راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نئين مقرر ٿيل آڦيسرن جي تعارف سان گڏوگڏ انهن جي ذميوارين کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.