قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه جي صورتحال کي تمام وڏو ۽ ناقابل تصور انساني الميو قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته دنيا کي غزه جي بيگناهه ماڻهن جي آواز کي ٻڌڻ گهرجي، پاڪستان جنگبندي جي لاءِ عالمي ثالثي جي سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي – 8 سمٽ جي موقعي تي فلسطين ۽ لبنان جي صورتحال تي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران ڊي – 8 سربراهي اجلاس جي سائيڊ لائينز تي غزه ۽ لبنان ۾ جاري معصوم ماڻهن جي قتل عام ۽ ڏاڍ تي غور جي لاءِ خصوصي اجلاس گهرائڻ جي ان وقت سر قدم تي صدر عبدالفتاح السيسي جا دل سان ٿورا ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته اسرائيل ??ا ظلم غزه ۾ تباهي مچائڻ کانپوءِ هاڻي اولهندي ڪناري تائين پکڙجي چڪا آهن، اسرائيلي ظلمن سان ايتري باهه ڀڙڪي رهي آهي جو ايران، عراق، يمن ۽ ??ن کان ٻاهر پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته آڪٽوبر 2023ع کان غزه ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو تازي تاريخ جي اونداهي ترين بابن مان هڪ آهي، هي هڪ تمام وڏو انساني الميو آهي جنهن جو تصور به انتهائي خوفناڪ آهي. هن چيو ته اسرائيل پاران غزه ۽ لبنان جي عوام کي ڄاڻي واڻي ۽ غيرانساني طور تي نشانو بڻائڻ سان وحشياڻي ڪاررواين جي نتيجي ۾ هڪ لاتعداد قتل عام ٿيو جيڪو عالمي قانونن، ??ڏي?? قومن جي ق??ار??ادن ۽ انصاف جي عالمي عدالت جي هدايتن جي واضح خلاف ورزي آهي، بيگناهن جي رت ۾ رڱيل ??نهن صفحن جي تاريخ گواهي ڏيندي، نه ته اهڙن ڪڌي ڏوهن جو ارتڪاب ڪندڙن کي معاف ڪندي ۽ نه ئي انهن ڪڌي ظلمن آڏو خاموشي اختيار ڪندڙن کي بخشيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلسل سخت لفظن ۾ اسرائيل ??ي غزه، اولهندي ڪناري، لبنان ۽ شام جي خلاف جارحيت جي مذمت ڪئي آهي، اسرائيل پاران ??ڏي?? قومون ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي فار فلسطين جي خلاف ڪارروائي به ايتري ئي قابل مذمت آهي، ??ن کي روڪڻ ضروري آهي ??ڏي?? قومون ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي فار فلسطين، غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي ظلمن کان متاثر لکين بيوس فلسطينين جي لاءِ هڪ لائيف لائين آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي قانون ۽ ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل ق??ار??ادن موجب وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي اهميت رکندڙ هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار ٻه رياستي حل جي مسلسل وڪالت ڪئي آهي. هن چيو ته 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته پاڪستان جنگبندي جي لاءِ عالمي ثالثي جي سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو، ان ڏس ۾ قطر ۽ مصر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، اسان ڇڪتاڻ جو فوري خاتمو چاهيون ٿا، اس??ن کي غزه، اولهندي ڪناري، لبنان ۽ ٻين جنگ سٽيل ??لائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ مناسب فنڊز جي فراهمي تي غور ڪرڻ گهرجي جيڪي اسرائيلي بمباري سان تباهه ٿي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن مصر ۽ اردن جي رستي فلسطين جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪيو آهي، ان امدادي ڪم کي جاري رکڻ گهرجي ته جيئن سردين جي هن سخت مهينن ۾ جنگ جي لکين متاثرين بشمول ڪمزور عورتن ۽ ٻارن جي بقاءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دنيا کي غزه جي بيگناهه ماڻهن جي آواز کي ٻڌڻ گهرجي جيڪي ڪنهن به انگ اکر يارپورٽس کان وڌيڪ آهن، اسان پنهنجي ??ڏي?? طاقت کي جمع ڪرڻ ۽ ??ن کي ان ڊگهي تاريخي تباهي جي خاتمي، اسرائيل ??ي وحشياڻي فوجي ۽ سياسي قبضي کان آزاد ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته اس??ن کي يتيمن، بيواهن ۽ معصوم ٻارن جي آوازن کي ٻڌڻ گهرجي ۽ عملي قدم کڻڻ گهرجن جيڪي پنهنجي روزگار ۽ ملڪيتن سميت سڀ ڪجهه قربان ڪري چڪا آهن ۽ سڄي زندگي پنهنجي پيرن تي بيهي نه ٿا سگهن.