پشاور-28 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اوورسيز بزنس فورم برطانيا جي نمائندي وفد چيئرمين محمد فاروق خان جي قيادت ۾ گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر ھائوس پشاور مان جاري بيان مطابق وفد گورنر کي ??ورم جي انتظام ھيٺ برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾ پاڪستاني شين ۽ ڪاروبار کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ل??ڳاپيل خدمتن کان آگاھه ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جي گورنر وفد سان ڳالھائيندي چيو ته خيبرپختونخوا ??ي ڪاروباري شعبي کي عالمي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، صوبي ۾ سياحتي شعبي جي ترقي لاءِ ل??ڳاپيل معاملن کي آسان بڻائڻو پوندو. وفد گورنر کي ??ڌايو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ڀيٽ ۾ خيبرپختونخوا مان ايڪسپورٽ نه ھجڻ جي برابر آھ??. و??د چيو ته برطانيا سميت سمورن يورپي ملڪن ۾ خيبرپختونخوا ??ي ڪاروباري نمائش لاءِ ڪردار اد?? ڪرڻ چاھيون ٿا.