اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس چ??ري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگ?? ملز مالڪن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ا??ف بي آر، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي کي کنڊ جي وڪري تي ٽيڪس جي چوري، غيردستاويزي وڪري ۽ قيمتن ۾ اضافي جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ا??ف بي آر، آءِ ??ي ۽ ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته شگ?? سيڪٽر ۾ سيلز ٽيڪس جي چ??ري جي خاتمي کي يقيني بڻايو وڃي، ڪمند جي پيڙهائي جي مُند شروع ٿي رهي آهي، شگ?? ملز ۽ ڊيلرز کان جي ايس ٽي جي 100 سيڪڙو وصولي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي شگ?? ملز ۾ ڪئميرائون هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن سان کنڊ جي ذخيره اندوزي نه ٿي سگهندي ۽ قيمتن ۾ توازن رهندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪس چ??ري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگ?? ملز مالڪن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم جي هدايت تي ڪيمرائن جي ذريعي شگ?? ملز جي پيداواري عمل ۽ ذخيره اندوزي تي نظر رکي ويندي، سيلز ٽيڪس جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شگ?? سٽه مافيا جي خلاف پڻ سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم اسٽيل، سگريٽ، سيمنٽ ۽ مشروبات سميت ٻين شعبن ۾ پڻ اهڙي طرح جي قدمن جي هدايت ڪئي آهي.