اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر سردار اياز صادق سرينگر ھاءِ وي تي رينجرز ۽ پوليس جي ا??لڪ??رن سان پيش آيل اڻوڻندڙ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته شھيد جوانن پنھنجا فرض نڀائيندي ملڪ لاءِ پنهنجين حياتين جو نذرانو ڏنو. پنھنجي پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر سردار اياز صادق واقعي ۾ رينجرز ۽ پوليس ا??لڪ??رن جي جاني نقصان تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو ۽ سندن وارثن سان دلي تعزيت ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو. ھن چيو ته شھيدن جي وارثن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آھيان. ھن چيو ته رينجرز ۽ پوليس جي شھيد ا??لڪ??رن جي پيشيوارڻين خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. ھن چيو ته رينجرز ۽ پوليس جي شهيد ا??لڪ??رن جي قرباني کي ھميشه ياد رکيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر پوليس ۽ رينجرز جي زخمي ٿيل ا??لڪ??رن کي بھترين طبي سھولتون فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڏني آھي. قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر رينجرز ۽ پوليس جي شھيد ٿيل ا??لڪ??رن جي درجن جي بلندي ۽ گھرڀاتين لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.