استنبول-24 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محسن نقوي ??ان آذربائيجان جي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير ع??يو?? عصمت راشد ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وزيرن وچ ۾ گهڻ رخي ڀائراڻن ل??ڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفن معاملن کي هٿي ڏيڻ بابت ڳالهيون ٿيون. آذربائيجان جي مملڪتي وزير ڪجهه ڏينهن اڳ اتر عربي سمنڊ ۾ 145 ملين ڊالرن جي ماليت جي 2400 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات ضبط ڪرڻ جي پاڪ بحريه جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيو. مملڪتي وزير، محسن نقوي ??ي قيادت ۾ پاڪستاني عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن استنبول انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ پاڪستاني پويلين جو دورو به ڪيو، هن پاڪستاني پويلين ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز جا جديد اوزا?? ۽ ??شينري ڏٺي ۽ انهن جي واکاڻ ڪئي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. وزيرن گڏيل ڀائراڻن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام، بارڊر مينيجمينٽ ۽ منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيرن گڏيل سهڪار کي پائيدار بنيادن تي هٿي ڏيڻ لاءِ مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ??ذربائيجان جي مملڪتي وزير کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جڏهن ته آذربائيجان جي مملڪتي وزير، وفاقي وزير محسن نقوي ??ي باڪو جي دوري جي دعوت ڏني. گهرو وزير محسن نقوي ??و چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻطرفن ل??ڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.