اس??ام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب ج?? سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قي??دت ۾ اعليٰ سطح جو سعودي وفد 9 کان 11 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته وفد ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ادارن جا نمائندا شامل هوندا. هن چيو ته سعودي وفد جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات طئي آهي، ان دوري جو مقصد ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ گڏيل طور تي ??اڀائتي اقتصادي حصيداري کي مثبت تحرڪ ڏيڻ آهي. ترجمان چيو ته هي دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ولي عهد ۽ سعودي عرب ج?? وزيراعظم محمد بن سلمان جي وچ ۾ اپريل 2024ع ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب ج?? وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي لا??ِ طئي ٿيندڙ مفاهمت کانپوءِ ٿي رهيو آهي.