اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پ?? پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته استادن جي عالم?? ڏينهن جي موقعي تي اسان انهن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جن پاڪستان جو مستقبل ٺاهڻ ۽ علم کي هٿ?? ڏيڻ واري عظيم مشن کي سرانجام ڏيڻ جو عهد ڪيو آهي. استاد اسان جي مستقبل جا معمار آهن، سندن ڪاوشن بنا اسان پنهنجي انهن خواهشن کي پ??رو نه ٿا ڪري سگهون جيڪي اسان قوم جي حيثيت سان پنهنجي لاءِ طئي ڪري رکيون آهن. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وز??را??ظم استادن جي عالم?? ڏينهن (5 آڪٽوبر) تي پ??هنجي پ??غام ۾ چيو ته اڄ اسان پنهنجي قوم جي مستقبل جي معمار طور استادن جي قدر جوڳي ڪردار کي تسليم ڪندي استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ ۾ عالمي برادري سان گڏ آهيون. وز??را??ظم چيو ته اڄوڪ?? ڏينهن اسان انهن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جن پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۽ علم کي هٿ?? ڏيڻ جي عظيم مشن کي سرانجام ڏيڻ جو عهد ڪيو آهي. وز??را??ظم چيو ته حقيقت ۾ ڪنهن ملڪ جي ترقي بنيادي طور تي اتي جي فردن جي تعليم سان جڙيل هوندي آهي ۽ اها استادن جي اڻ ٿڪ محنت ئي آهي جيڪا نوجوان نسل ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو لڳاءُ پيدا ڪري ٿي. وز??را??ظم چيو ته آئون پاڪستان جي سمورن استادن جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان جيڪي پ??هنجي پختي عزم سان نوجوان ذهنن کي سنواريندا آهن. هو اسان جي مستقبل جا معمار آهن ۽ علم تي ٻڌل معيشيت ٺاهڻ واري اسان جي مقصد جي لاءِ سندن محنت اڻ ٽر آهي، سندن ڪاوشن بنا اسان پنهنجي انهن خواهشن کي پ??رو نه ٿا ڪري سگهون جيڪي اسان قوم جي حيثيت سان پنهنجي لاءِ طئي ڪري رکيون آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت استادن سان ڪيل پنهنجي وعدي کي پ??رو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان هڪ همٿائيندڙ ۽ سٺي معاون تدريسي افرادي قوت جي اهميت کي تسليم ڪيون ٿا ۽ جديد بنيادي ڍانچي ۽ تعليمي وسيلن ۾ سيڙپڪاري جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان جو مقصد هڪ اعليٰ ڪارڪردگي وارو تعليمي نظام ترتيب ڏيڻ آهي، جيڪو اسان جي شاگردن ۽ استادن کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا ۾ ترقي جا ڏاڪا طئي ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهي. وز??را??ظم چيو ته اچو، اسان اڄ ۽ هر ايندڙ ڏينهن کي پ??هنجي استادن جي انتهائي اثر انگيز ڪردار طور ملهايون ۽ پاڪستان جي مستقبل جي اڳواڻن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ ۽ سندن حوصله افزائي ڪرڻ واري سندن مشن ۾ معاونت ڪرڻ واري پ??هنجي عزم کي ورجايون.