نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ۽ برطانوي وزيرا??ظم سرڪيئر اسٽارمر پاڪ برطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن خاص طور تي ايف بي آر جي سڌارن ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي، موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن سان پاڪستان کي درپيش مسئلن، پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربا??ين ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي وزيرا??ظم رائيٽ آنرايبل سرڪيئر اسٽارمر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزيراعظم ??حمد شهباز شريف معاشي استحڪام کانپوءِ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن خاص طور تي ايف بي آر جي سڌارن ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي تي روشني وڌي. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ملاقات ۾ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن سان پاڪستان کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ??اڪستان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربا??ين جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن جي تدارڪ جي لاءِ عالمي برادري کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان برطانيا جي ٽئين وڏي ملڪ جو ذڪر ڪندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ منصوبن تي روشني وڌي. برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستا??ين جي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ??نهي ملڪن جي عوامي رابطن جي فروغ ۽ متاسٽا سان گڏيل طور تي فائديمند ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.