اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق آءِ جي اسلام آباد کي قانوني طريقيڪار موجب گرفتار قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سمورن گرفتار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. گذريل ڏينهن جي واقعي جي مڪمل جاچ عمل ۾ آندي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پارلياماني پارٽ??ن جي اڳواڻن ۽ ميمبرن سان پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پارليامينٽ جي ميمبرن قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پارليامينٽ مان گرفتار??ن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسپيڪر کي گذارش ڪئي ته ان واقعي تي سخت ايڪشن ??رت?? وڃي. اسپيڪر ان معاملي کي سمورين پارٽين سان گڏجي حل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سمورين پارٽين اهڙن معاملن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع ضابطه ڪار بنائڻ تي به اتفاق ڪيو. اسپيڪر جو چوڻ هو ته ڪالهوڪو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، پارليامينٽ جا سمورا ميمبر منهنجي لاءِ انتهائي احترام جي قابل آهن، پارليامينٽ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري جا اطلاع انتهائي ڳڻتيءَ وارا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ مان گرفتار??ن جي حوالي سان فوري ۽ مڪمل جاچ جو ح??م جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپيڪر آءِ جي اسلام آباد کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪري واقعي بابت ڄاڻ به حاصل ڪئي ۽ آءِ جي کي هدايت ڪئي ته قانوني طريقيڪار موجب سمورن گرفتار ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ گرفتار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اسپيڪر سان ملاقات ڪندڙن ۾ اعظم نذير تارڙ، عبدالعليم خان، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي ميمبر سيد خورش??د احمد شاهه، سيد نويد قمر، طارق فضل چوڌري، نور عالم خان، شاندانه گلزار، خالد حسين مگسي، مذهبي معاملن وارو وزير چوڌري سالڪ حسين، س??د امين الحق، امجد علي خان، شاهده اختر علي، علي محمد خان، سني اتحاد ڪائونسل جو سربراهه صاحبزاده حامد رضا ۽ ٻيا شامل هئا.