اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته سانوڻي جي مُند دوران سڄي ملڪ ۾ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويندا، وڻن سان آبهوا صاف، موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي ۽ قدرتي حسن ۾ اضافو ??ين??و، قدرت پاڪستان کي بي پناهه نعمتن سان نوازيو آهي، اسان کي ڏينهن رات محنت سان قدرت جي عطا ڪيل نعمتن مان فائدو کڻڻو آهي. وزيراعظم وزيراعظم هائوس جي سبزه زار ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪا??ي مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي وڻڪا??ي مهم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جون 2024ع ۾ ٻه ارب 20 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا ويا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شر??ف چيو ته اڄ اسان سانوڻي مُند جي وڻڪا??ي مهم جي شروعات ڪري رهيا آهيون، ان وڻڪاري دوران سڄي ملڪ ۾ 10 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا ويندا، ان سان نه رڳو پاڪستان خوبصورت ??ين??و پر موسمياتي تبديلي جنهن پاڪستان کي 2022ع ۾ بري طرح نشانو بڻايو هو ان کي به ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي، فضائي آلودگي ۾ گهٽتائي ??ين??ي ۽ قدرتي حسن ۾ اضافو ??ين??و. وزيراعظم چيو ته چوماسي جي هي موسم دلين کي خوش ڪندڙ موسم آهي جنهن ۾ هر طرف مسڪراهٽون وکرنديون آهن، برسات سان گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي ??ين??ي آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي بي پناهه نعمتن سان نوازيو آهي، اهو اسان تي آهي ته اسان ڏينهن رات محنت ڪري انهن نعمتن مان فائدو کڻون ۽ الله تعاليٰ جي آڏو شڪر ادا ڪريون، اسان الله تعاليٰ جو جيترو شڪر ادا ڪريون گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته سانوڻي جي مُند ۾ وڻڪا??ي مهم جي شروعات جي موقعي تي آئون لاڳاپيل عملدارن کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي پوري پاڪستان ۾ وفاقي حڪومت ۽ ذميوار گڏجي ان عظيم ڪم ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ۽ پاڪستان کي آلودگي کان بچائڻ جي لاءِ ۽ هن ملڪ کي خوبصورت بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم چيو ته هتي اسان جا ٻار به موجود آهن جيڪي پاڪستان جي شاندار مستقبل جي ضمانت آهن، اهي وڏا ٿي تعليم جي زيور سان ليس ٿي پاڪستان جا عظيم معمار بڻجندا، ٻارن کي تعليم سان گڏ هنرمند بڻائينداسين ته جيئن اهي ملڪ جي بهتر انداز ۾ خدمت ڪري سگهن.