لاڙڪاڻو – 21 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير ??ٽو جمهوريت جي علامت هئي، محترمه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ پارٽي ۽ عوام لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي اها فخر جوڳي آهي، مون سياست شهيد محترمه بينظير ??ٽو کان سکي، ان جو شاگرد آهيان. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري، صدر هائوس نئون ديرو ۾ شهيد محترمه بينظير ??ٽو جي 71 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ??ٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اسان شهيدن جي مشن کي پورو ڪنداسين. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.