اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان سدائين تاريخ جي صحيح رخ تي بيهڻ جي رستي جي چونڊ ڪندي ”ون چائنا“ جي اصول جي پاسداري ڪري ٿو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 73 هين سالگرهه جي موقعي تي شايع ٿ??ل چيني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر ??يو ته پاڪستاني عوام چين سان غيرمشروط محبت ڪري ٿي. واضح رهي ته مارچ ۾ ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ کانپوءِ ڪنهن به غيرملڪي ميڊيا سان صدر زرداري جي اها پهرين ڳالهه ٻولهه هئي. ٻ??هي ملڪن جي اڳوڻي اڳواڻن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ياد ڪندي صدر آصف علي زرداري ??يو ته منهنجي مرحوم سُهري پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي ??يو هو ته اوڀر طرف ڏسو، چين طرف ڏسو. صدر آصف علي زرداري جنهن پاڪستاني صدر جي طور تي پنهنجي پهرين مدي دوران 9 ڀيرا چين جو دورو ڪيو هو، هن ”تائيوان جي آزادي“ جي ڪنهن به شڪل کي رد ڪندي ون چائنا اصول ??ي سخ??ي سان ڪاربند رهڻ جي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن ??يو ته تائيوان چين جو حصو آهي. ان کانسواءِ ڪو رستو نه آهي. هن وڌيڪ ??يو ته پاڪستان سدائين چين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ چين جي بنيادي مفادن جو تحفظ ڪندو. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي شروعات، گوادر پورٽ ??ي ترقي تي تبصرو ڪندي آصف علي زرداري ??يو ته 11 سال اڳ سي پيڪ جي شروعات کانپوءِ گوادر پورٽ ??ي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي، اها بندرگاهه سڄي دنيا مان سيڙپڪارن کي سدائين ڀليڪار چوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر آصف علي زرداري ??يو ته پاڪستان وڌيڪ اسڪولن جي ان ڳالهه تي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي ته هو چيني زبان کي پنهنجي لازمي نصاب ۾ شامل ڪن. ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي هن ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ ماڻهن جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ پاليسين تي زور ڏنو. چيني عوام جي ڪاميابين کي ساراهيندي آصف علي زرداري ??يو ته پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ چين جي ڪاميابي جو هڪ اهم سبب آهي ۽ پاڪستان چين جي ترقي جي عمل ۾ وڌيڪ شامل ٿيڻ جي اميد ڪري ٿو.