اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته صنعتي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقين?? بڻائينداسين، صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ح??ومت جي ترجيح آهي، صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداواري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا، بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ريشنلائيزيشن جي لاءِ صنعتن سان مشاورت ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ صنعتي ??عب?? کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان اهم اجلاس ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته صنعتي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقين?? بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته صنعتي ??عب?? کي درپيش ??سئ??ن جو ترجيحي بنيادن تي حل ڳوليو وڃي. وزيراعظم برآمدي ??عب?? جي صنعتن جي لاءِ ٽيرف ريشنلائيزيسن جي حوالي سان حڪمت عملي فوري طور تي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته برآمدي ??عب?? جي صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ح??ومت جي ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداواري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ريشنلائيزيشن جي لاءِ صنعتن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي صنعتن ۽ گهريلو صارفين کي فراهم ڪئي ويندڙ بجلي جي اگهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.