اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پاڪستان جي خلاف ڀارتي قيادت جي جارحاڻي ب??ان بازي کي علائقائي امن ۽ استحڪا?? جي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏيندي عالمي برادري کان ان جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڀارتي س??استدان چونڊ مقصدن جي لاءِ پنهنجي ملڪي س??است ۾ پاڪستان کي گهيلڻ بند ڪن ۽ حساس اسٽريٽجڪ معاملن تي ذميواري جو مظاهرو ڪن. ڀارتي وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن پاران تازو ئي پاڪستان بابت بيانن جي سلسلي ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ڀارتي لوڪ سڀا جي چونڊ مهم دوران مختلف اڳواڻن پاران پاڪستان مخالف بيان بازي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، اسان انهن غيرذميواراڻي ب??انن کي رد ڪريون ٿا، جيڪي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن، ٻطرفن لاڳاپن جي حالت ۽ ائٽمي صلاحيتن سميت ڪيترن ئي ٻين معاملن بابت آهن. ترجمان چيو ته افسوس سان اهڙي طرح قسم جا پاڪستان مخالف بيان اتي چونڊ مقصدن جي لاءِ هائپر نيشنلزم جو فائدو کڻڻ ۽ وڌندڙ ملڪي ۽ عالمي تنقيد تان ڌيان هٽائڻ جي هڪ مايوس ڪندڙ ڪوشش جي عڪاسي ڪن ٿا، ڀارتي ليڊرن جو طرزعمل هڪ غيرسنجيده ۽ انتهاپسند ذهنيت کي ب?? نقاب ڪري ٿو، ان زهنيت سان ڀارت جي تذويراتي صلاحيت جي حوالي سان ان جي ذميواري تي س??اليه نشان اٿاري ٿي، ٻئي طرف پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيت جو مقصد پنهنجي خودمختياري جو تحفظ ۽ پنهنجي علائقائي سالميت جو دفاع ڪرڻ آهي. پاڪستان ماضي ۾ به پنهنجي دفاع جي عزم جو واضح طور تي مظاهرو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ڀارت پاران ڪنهن به قس?? جي حرڪت ڪئي وئي ته مستقبل ۾ به ائين ڪرڻ سان پاسو نه ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته رڳو ڪجهه مهينا اڳ اسان پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي عدالت کان مٿانهين ۽ عالمي قتل جي مه?? جي تفصيلن کي ب?? نقاب ڪيو آهي، پاڪستان جي اندر جارحاڻي ڪاررواين جي لاءِ پنهنجي تياري تي ڀارت جو مسلسل زور جرم جو اعتراف آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت اشتعال انگيز بيان بازي جي حوالي سان اسان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته تاريخي حقيقتون، قانوني اصول، اخلاقي خدشا ۽ زميني حقيقتون ڀارت جي بي ب??ياد دعوائن جي ترديد ڪن ٿا، ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون لاڳاپيل قراردادون واضح طور تي ان جي حتمي حل لاءِ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ راءِ شماري جو پابند بڻائين ٿيون. ڪي ب?? ڀارتي ب??ان ان حقيقت کي نه ٿا بدلائي سگهن، تنهن ڪري ڀارت کي گهرجي ته هو انهن قراردادن کي عملي جامعو پارائڻ تي ڌيان ڏي. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان ڀارتي س??استدانن تي زور ڀريون ٿا ته اهي چونڊ مقصدن جي لاءِ پنهنجي ملڪي س??است ۾ پاڪستان کي گهيلڻ بند ڪن ۽ حساس اسٽريٽجڪ معاملن تي ذميواري جو مظاهرو ڪن، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀارتي قيادت جي جارحاڻي ب??ان بازي جو نوٽيس وٺي جيڪو علائقائي امن ۽ استحڪا?? جي لاءِ سنگين خطرو آهي. ترجمان چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن کي ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن حل طلب تڪرارن جي پرامن حل ۽ ٽڪراءُ کان تعاون ط??ف منتقلي جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو.