اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ اذلان شاهه هاڪي ٽورن??مي??ٽ جي فائنل ۾ پهچڻ تي پاڪستان هاڪي ٽيم کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هاڪي ٽيم جا رانديگر اسانجا هيرو آهن، جن اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر قومي راند کي زندهه ڪيو آهي، پوري ق??م هاڪي ٽيم جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين ??اڻا مشهود احمد سان گڏ پاڪستان هاڪي ٽيم جي ميمبرن سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو تهپ اڪستان هاڪي ٽيم جا رانديگر قومي هيرو آهن، توهان هڪڀ يرو ٻيهر قومي راند کي پاڪستان ۾ زندهه ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو راندين ??ي فروغ لاءِ وڏو فوڪس آهي. وفاقي و??ير اذلان شاهه هاڪي ٽورن??مي??ٽ ۾ شاندار ڪاميابي تي پاڪستان هاڪي ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اذلان شاهه هاڪي ٽورن??مي??ٽ جو فائنل پي ٽي وي اسپورٽس جي ذريعي سڌوسنئون نشرو ڪيو ويندو. هن چيو ته سڀاڻي جي مئچ جي لاءِ ٽي وي چينلز ۽ اخبارن ۾ هاڪي ٽيم جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ويندو. وفاقي و??ير چيو ته اذلان شاهه هاڪي ٽورن??مي??ٽ جي فائنل مئچ کي سڌوسنئون نشر ڪرڻ جي لاءِ اسان تيارين کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون، فائنل مئچ پوري پاڪستان ۾ ڏٺو ويندو. هاڪي ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان هاڪي ٽيم نيوزيلينڊ، ملائيشيا ۽ ڪوريا سان زبردست مئچ کيڏي، اهي ٽيمون رينڪنگ ۾ پاڪستاني ٽيم کان مٿي هيون پر پاڪستان هاڪي ٽيم انهن ٽيمن سان مئچن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته پوري ق??م هاڪي ٽيم سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي ڪاميابي جي لاءِ دعاڳو آهي. توهان جي ڪاميابي پوري ق??م سان گڏجي ملهائينداسين، اسان پنهنجي هيروز جي و??پسي جا منتظر آهيون.