اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سعودي عرب جي ڪاروباري وفد جي ڪامياب دوري کي ملڪي معيشت جي لاءِ اهم سنگل ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته سعودي ڪمپنين مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جو جائزو ورتو آهي، سعودي وفد جو چوڻ هو ته اسان ??اڪستان ۾ هڪ نئون دور ڏٺو آهي، وفد جي سربراهه پاڪستاني عملدارين جي تياري کان تمام گهڻو متاثر ٿيو، وفد دوري جي اڳڀرائي کان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي آگاهه ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي ڪاروباري وفد پاڪستان جو دورو ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي مهمان ??وازي جو کليل دل سان اعتراف ڪيو آهي. سعودي وفد جي سربراهه جهڙي انداز ۾ پاڪستاني عملدارن کي ساراهيو ان سان تمام گهڻي خوشي ٿي آهي 7 ڀائر ملڪ سعودي عرب جي وفد جنهن گرمجوشي جو مظاهرو ڪيو اهو منهنجي لاءِ ??خر جوڳو آهي. سعودي وفد مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ??زيرن جي تياري کي تمام گهڻو ساراهيو. هن دوري تي انتهائي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هو انتهائي خوشي سان ??اپس وڃي رهيا آ??ن ۽ واپس س??ودي عرب وڃي ٻڌائيندا ته اسان ??اڪستان ۾ هڪ نئون دور ڏٺو آهي. هتي اسان جي بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ٿيون. پاڪستاني عملدارن وفد کي ڀرپور طريقي سان ??ريزينٽيشز ڏنيون جيڪا اسان جي لاءِ انتهائي حوصلي جوڳي ڳالهه آهي. سعودي وفد دوري جي اڳڀرائي کان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي آگاهه ڪندو. وزيراعظم دوري کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ??اپار واري وفاقي وزير، پيٽروليم واري وفاقي وزير، ناڻي واري وفاقي وزير، هوابازي ۽ بجلي واري وفاقي وزير سميت لاڳاپيل سيڪريٽرين ۽ وزارتن جو وڏو اهم ڪردار رهيو آهي، انهن جون بهترين ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن جنهن تي انهن کي مبارڪباد ڏيان ??و. هن چيو ته هن دوري کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عملدارن جو هڪ اجلاس طلب ڪيو آهي. هي انتهائي اهم ڏينهن هو.