ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل ڳولڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي ڪاروباري برادري جي ترقي سان واڳيل آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين بزنس مين گروپ محمد زبير موتي والا جي سربراهي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفد جي ميمبرن و??ير??عظم کي پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري کي درپيش مختلف مسئلن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. و??ير??عظم چيو ته ملڪي ترقي ڪاروباري برادري جي ترقي سان واڳيل آهي، ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا ??رڻ لازمي آهي جنهن ۾ ڪاروباري برادري کي پنهنجي ڪم ۾ آساني ميسر هجي. هن چيو ته ملڪي واڌويجهه جي شرح ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿئي. هن ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن جي تعاون سانملڪي ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل ڳولڻ جي هدايت ڪئي. وفد حڪومت جي ڪاروبار دوستي پاليسين جي ڪري ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي 72000 پوائنٽس جي بلند ترين سطح عبور ??رڻ تي و??ير??عظم کي مبارڪباد ڏني. وفد و??ير??عظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ??هر??ون ڀيرو اهڙو و??ير??عظم ڏٺو جيڪو ٻيهر چونڊجڻ کا??پوءِ ڪم اتان کا?? ئي شروع ڪري ٿو جتي ڇڏي ٿو ۽ ماضي ۾ کنيل قدمن تي عملدرآمد جي حڪمت عملي تي ڳالهه ڪري ٿو.