اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه صوبي جي شهر بشام ويجهو دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پا??ستاني شهري مارجي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته پا??ستان حڪومت دهشتگردي جي ان ڪڌي فعل جي شديد مذمت ڪري ٿي، ??سا?? دهشتگردن ۽ ان جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي طرح ??ون ڪڌيون ڪارروايون دهشتگردي جي لعنت جي خلاف وڙهڻ جي پا??ستاني قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. بيان موجب اڄ جي حملي جي منصوبابندي پا?? چين ??وستي جي دشمنن ڪئي، ??سا?? اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پا??ستان جي عوام ۽ حڪومت مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي چيني دوستن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ حملي ۾ مارجي ويندڙ چيني شهرين ??ي گهرڀاتين ??ان دلي تعزيت ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته پا??ستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، پا??ستان ۾ چيني شهرين ??ي زندگي ۽ حفاظت انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پا??ستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحف?? کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پا??ستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.