اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم ادارن جي نجڪاري جا معاملا اڪلائڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ڪميٽي جو نالو ”نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي“ (سي سي او پي) هوندو. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ نجڪاري ??ميشن جي سفارش تي يا ڪنهن ٻئي طريقي سان سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين جي نجڪاري جي منظوري ??يڻ، نجڪاري جي عمل بابت بين الوزارتي معاملن تي پاليسي فيصلا ڪرڻ، نجڪاري جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي نگراني ڪرڻ، نجڪاري ??ميشن کي نجڪاري جي عمل يا ان بابت ڪنهن به ٻئي معاملي بابت رپورٽون/ معلومات/ ڊيٽا گڏ ڪرائڻ جي هدايت ڏيڻ، نئين سر ڍانچ??، ريگيوليٽري ادارن ۽ نجڪاري فنڊ اڪائونٽ سان لاڳاپيل معاملن تي پاليسي فيصلا ڪرڻ، نجڪاري جي جاري سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين جي لاءِ ريفرنس پرائس جي منظوري ??يڻ، ڪامياب ٻولي لڳائيندڙن جي منظوري ??يڻ، نجڪاري ??ميشن جي سفارشن تي غور ڪرڻ ۽ انهن جي منظوري ??يڻ، نجڪاري ??ميشن بابت ڪو ٻيو ڪم حوالي ڪرڻ شامل آهي. ڪميٽي جو چيئرمين ناڻي وارو وفاقي وزير هوندو. ميمبرن ۾ پرڏيهي وزير، ??اپار وارو وفاقي وزير، توانائي وارو وزير، صن??ت ۽ پيداوار وارو وزير، ??جڪاري وارو وزير جڏهن ته ڪميٽي جي خصوصي دعوت تي شريڪ ميمبرن ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر، چيئرمين سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، توانائي، واپار، ??واصلات، ناڻي، صن??ت ۽ پيداوار، ??انون ۽ انصاف، پيٽروليم، منصوبابندي، نجڪاري ??ويزن وارا وفاقي سيڪريٽري اجلاس ۾ شريڪ ٿي سگهندا.