اسلام آباد – 29 فيبروري (اي پي ??ي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف پڻ قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس جي ڪارروائي ڏٺي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن جي حلف برداري دوران وزيراعليٰ پنجاب مهمانن جي گيلري ۾ موجود رهي. نواز شريف ۽ شهباز شريف حلف کڻن کانپوءِ رول آف ميمبرز تي صح??ون ڪ??ون ۽ ايوان کان ٻاهر ويا ته وزيراعليٰ پنجاب پڻ مهمانن جي گيلري ??ان هلي وئي.