اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلو?? چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي فعال سفارتڪاري ۽ گهري لاڳاپن جي هڪ حصي طور ڪيريبين ۾ سينٽ ڪيٽس اينڊ نيوس ۽ بحرالڪاهل مارشل آئي لينڊ سان باضابطا طور تي سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن. هفتيوار پري?? بريفنگ ۾ ه?? چيو ته پاڪستان پنهنجو سفارتي دائرو وسيع ڪندو رهندو ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائيندو رهندو. هن چيو ته اسان ننڍن جزيرن جي اسرندڙ رياستن تائين پهچ کي وڌائن جو ارادو رکون ٿا جيڪي گهڻ رخي سط?? تي پاڪستان جي لاءِ اهم حصيدار آهن. ترجما?? چيو ته پاڪستان گذريل ٽن سالن ۾ پالائو، ڪريباتي ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ سان سفارتي لاڳاپا قائم آهن.