اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسلام آباد ۾ پهري?? گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ جي پڄاڻي اسلام آباد پڌرنامي جي منظوري سان ٿي جي??و قابل عمل منصوبن جي هڪ سيريز جي اهميت کي اجاگر ڪندو جي??و صحت جي هنگامي صورتحال جي لاءِ هڪ مضبوط عالمي ردعمل، صحت جي سارسنڀال تائين برابر پهچ سميت هڪ پائيدار ۽ جامع صحت جي نظام کي فروغ ڏيڻ کي يق??ني بڻائيندو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته عالمي صحت جي خطرن ۽ عالمي صحت جي سلامتي کي وڌائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اربع ڏينهن وفاقي گادي واري شهر ۾ پهري?? گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ جي شروعات ٿي جنهن ۾ صحت وارن وزيرن ۽ 70 کان وڌيڪ ملڪن جي صحت وارن وزيرن ۽ ماهرن قومي صحت جي سلامتي تي عالمي صحت جي سلامتي جي اثرن، وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۽ ردعمل، موسمياتي تبديلي ۽ اڀرندڙ عوامي صحت جي خطرن، گهڻ رخي شعبه جاتي ڪوآرڊينيشن، صحت جي عالمي تحفظ جي لاءِ پائيدار ۽ برابر مالي مدد، يونيورسل هيلٿ ڪوريج تائين پهچ ۽ وي??سين جي برابري کي يق??ني بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??رج??ان چيو ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني عالمي سطح تي صحت جي تحفظ کي يق??ني بڻائڻ جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ عالمي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته رڳو هڪ برابر عالمي صحت جو ڍانچو ئي هر ڪنهن کي مستقبل جي وبائي مرضن کان بچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. ??رج??ان چيو ته گ ذريل ڏينهن اجلاس کي پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل ردعمل جي لاءِ گهربل ٻاهرئين ۽ اندروني صحت جي چئلينجن آڏو قومن جي گڏيل دارومدار کي اجاگر ڪيو. هن قومي مفادن ۽ قومي سرحدن کان مٿانهون ٿي صحت جي تحفظ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ متحده عالمي محاذ تي زور ڏنو.