اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستا?? جي ترقي ۾ بوهره برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستا?? جي حڪومت ۽ عوام بوهره برادري جي خ??متن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار دائودي بوهره برادري جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدي?? جي قيادت ۾ بوهره برادري جي 8 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ ره??دڙ پاڪستانين بابت خصوصي نمائندو مولانا طاهر اشرف پڻ شريڪ هو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدي?? جي پاڪستا?? جي دوري جي آجيان ڪندي بوهره برادري جي پاڪستا?? جي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدي?? جي تعليمات ۾ ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ صفائي سٿرائي جي موضوعن تي خ??ص ڌيان کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام بوهره برادري جي پاڪستا?? جي لاءِ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر مفضل سيف الدين کي سن??س پاڪستا?? جي لاءِ خدمت?? جي اعتراف ۾ مليل نشان پاڪستان تي کيس مبارڪباد ڏني. بوهره برادري جي وفد نگران وزيراعظم کي عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي جي اسرندڙ ملڪ?? جي لاءِ هاڃيڪار اثرن کي اجاگر ڪرڻ جي قدمن تي خ??اج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان پوري عالم جي انسانيت کي خ??رو لاڳو آهي، مذهبي پيشوائن کي پنهنجي تعليمات ۾ ان اهم موضوع تي تسلسل سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. وفد نگران وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هر مذهب ۽ رنگ ۽ نسل جا ماڻهو موجود آهن ۽ انهن کي برابري جا حق حاصل آهن، بوهره برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ملڪ جي هر شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته بوهره برادري اڳتي به پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ائين ئي اهم ڪردار ادا ڪندي ره??دي.