راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان سعودي لينڊ فورسز جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فهد بن عبدالعزيز المتائر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا بشمول سلامتي ۽ دفاع جي شعبي ۾ سهڪار سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق جي ايڇ ڪيو راولپن??ي ۾ معزز مهمان آرمي چيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ فوجي تربيت ??ابت به ڳالهيون ڪيون ويون. مهمان شخصيت ??هشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جي ڪرد??ر جي واکاڻ ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڏنل قربانين تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. آرمي چيف مهمان شخصيت ??ي آجيان ڪندي چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان جا ويجها ناتا آه??، پاڪستان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان کان اڳ مهمان شخصيت ??ي جي ايڇ ڪيو آمد تي پاڪ فوج جي هڪ جٿي کيس سلامي پيش ڪئي.