اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ چيو آهي ته روس ??طي ۽ عالمي سطح تي اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ توانائي تعاون کي فروغ ڏيڻ سان اسان جي عوام سان گڏوگڏ خطي کي پڻ فائد?? ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ روس ??ي سفير ڊانيلا گاينچ الوداعي ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبو?? بڻائڻ جي لاءِ روسي سفير جي اڻٿڪ تعاون کي ساراهيو. هن روسي سفير کي سندس ايندڙ ذميواري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو سدائين پاڪستان جو دوست رهندو. ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته روس، خطي ۽ عالمي سطح تي هڪ اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو هڪ اهم حصيدار آهي. نگران وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي مسلسل فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ توانائي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا اهم شعبا آهن جنهن سان اسان جي ماڻهن سان گڏوگڏ خطي کي به فائد?? ٿيندو. نگران وزيراعظم عالمي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي پڻ ساراهيو.