اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي ملڪ ۾ ذهني صحت جي وڌندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ذهني صحت جي بار تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل سطح تي قدم کڻڻا پوندا، سموريون ڌريون، لاڳاپيل وزارتون، وزيراعظم آفيس، اي?? جي اوز، تنظيمون ٺوس موقف اختيار ڪن، ذهني صحت اهم مسئلو آهي، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي ٺوس انداز ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. هو ايوان صدر ۾ ذهني صحت بابت اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم آفيس اسٽريٽجڪ سڌارا يونٽ جي چيئرمين حسين اسلام سميت ذهني صحت تي ڪم ڪندڙ مختلف تنظيم?? جي نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو ته ملڪ جي اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي کي ذهني صحت جا مسئلا درپيش آهن، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جا 60 سيڪڙو شاگرد ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، ان صورتحال تي حڪومت، صحت جي ماهرن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ ميڊيا جي فوري ڌيا?? جي ضرورت آهي. صدر ڪورونا ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر تي ڪامياب آگاهي مهم مان سبق سکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سکيل سبق کي ذهني صحت جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ ذهني صحت جي مسئلن سان واڳيل سماجي رويو بدلائڻ جي لاءِ ٺوس ڪوشش?? جي ضرورت آهي، ماڻهن کي معياري مشاورت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ انساني وسيل?? جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ملڪ ۾ ذهني صحت جي پيشيور ماڻهن جو انگ وڌائڻ جي پڻ ضرورت آهي، مستقبل جي حڪومتن کي اهڙن قدمن کي جاري رکڻ گهرجي. صدر هڪ عالمي اي?? جي او ۽ پاڪستا?? جي نجي ميڊيا گروپ جي وچ ۾ ذهني صحت جي مسئلن تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ذهني صحت بابت مدد ۽ آگاهي جي لاءِ تيار ڪيل ”همراز ايپ“ کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪميٽي بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ ذهني مسئلن کي منهن ڏيندڙ ماڻه?? جي لاءِ خدمتن کي موثر انداز سان وڌائڻ جي لاءِ گڏيل نگهداشت جي ماڊل کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حسين اسلام وزيراعظم آفيس جي قدم ”همراز ايپ“ بابت اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ذهني مسئلن کان متاثر ماڻه?? جي مدد لاءِ ايپ ڪم ڪري رهي آهي، ضروري خدمتون ۽ مشاورت فراهم ڪري رهي آهي.