اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، خساري جي ذميواري جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي تهجيئن ان جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن، نجڪاري جي عمل جي شف??فيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پي آءِ اي جي حوالي س??ن اعليٰ سطحي اجلاس ??يو. اجلاس ۾ نجڪاري واري ن??را?? وفاقي وزير فواد حسن فواد، ن??را?? وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪست??ن انٽرنيشنل ايئرلائينز جي مالي صورتحال ۽ نجڪاري جي عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. ن??را?? وزيراعظم پي آءِ اي جي معاملن تي فيصلاسازي ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ن??را?? وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي ايئرلائين جي نجڪاري جي عمل کي شف??ف ۽ تيز ڪيو وڃي ته جيئن ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي. ن??را?? وزيراعظم چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، عوام جي ٽيڪسن س??ن انهن ادارن جو خسارو پورو ڪرڻ وڌيڪ ممڪن نه آهي، پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته هوابازي شعبي جي سڌارن سان عوام کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪري سگهبيون. خساري جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن ان جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن. ن??را?? وزيراعظم چيو ته نجڪاري جي عمل جي شف??فيت کي يقيني بڻايو وڃي.