نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن کي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت جو سمورو ڌيان ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ تي آهي، حڪومت آ??ريڪا پاڪس??ان بزنس ڪائونسل جي تجويزن جي آجيان ڪندي، پاڪس??ان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي نظام تي يقين رکون ٿا. هتي ملندڙ پڌرائي موجب نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي يو ايس پاڪس??ان بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا جي ڪارپوريٽ سيڪٽر کي پاڪس??ان سان پنهنجي پراڻي ۽ نتيجاخيز لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ طريقي ۽ ذريعن تي غور ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. حڪومت جو ڌيان ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ تي آهي. ان سلسلي ۾ سمورين تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. نگران وزيراعظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري جي نظام تي يقين رکي ٿي ۽ ان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ، انهن جو اعتماد وڌائن، زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي ۽ توانائي جي ترجيحي شعبن ۾ منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جوڙي آهي. نگران وزيراعظم سيڙپڪاري جي لاءِ خاص طور تي زراعت، فارماسيوٽيڪل، صحت سميت مختلف شعبن ۽ ڊيجيٽل بئنڪنگ جي نشاندهي ڪئي جتي آمريڪي ڪمپنيون پاڪس??ان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائي سگهن ٿيون. ڪائونسل جي صدر ايسپيرانزه جيلاليان نگران وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي کيس يقين ڏياريو ته آمريڪا پاڪس??ان بزنس ڪائونسل پاڪس??ان حڪومت سان تعاون وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ موقعا ڳولڻ جي لاءِ رابطا جاري رکندي. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن نگران وزيراعظم کي پاڪس??ان ۾ پنهنجي ڪاروبار ۽ پاڪستاني مارڪيٽ ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.