لاهور – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪي معيشت جي بحالي ۽ سماجي مسئلن جي حل لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مختلف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي لا??ِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن گورنر هائوس ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن ??ان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، لاهور چيمبر جو ??در ڪاشف انور، مس فريحه يونس، شميم اختر، ميان جبار خالد، خادم حسين، محمد فهيم يوسف، راجا حسان اختر، عمر داد آفريدي ۽ شاهد خليل به موجود ه??ا. ??در واپارين تي زور ڏنو ته اهي معذور ماڻهن جي بحالي، ڇاتيءَ جي ڪينسر، ذهني مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ ۽ ٻارن ??ي تعليم لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته انهن مسئلن جي حل لا??ِ حڪومت سان گڏوگڏ پرائيويٽ سيڪٽر کي به پنهنجو ??صو وجهڻ گهرجي. هن چيو ته انهن مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ آگاهي سيشنز ۽ سيمينارز منعقد ڪيا وڃن. صدر ذهني ۽ نفسياتي صحت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ذهني مرض کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ ڊائيلاگ جي ضرورت آهي، گهر کان وٺي ڪم ڪار وارين جاين تي ٽريننگ جو ??صوصي بندوبست ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهڙن ماڻهن کي ان مرض کان بچائڻ جي لا??ِ آگاهي ڏئي سگهجي. تعليم جي حوالي سان ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جنهن جي لا??ِ هزارين اسڪولن جي ضرورت آهي، ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لا??ِ اسڪولن جون شفٽون وڌائڻ سان گڏوگڏ مسجدن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ جو ??نتظام ڪيو وڃي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان صدر چيو ته لاهور چيمبر جا ميمبر ان ڪم وارين جاين تي عورتن جي انگ ۾ اضافو ڪن. معيشت جي مختلف شعبن ۾ 35 سيڪڙو عورتن جي نمائندگي تمام ضروري آهي ته جيئن ملڪي ترقي ۾ عورتون پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر کي ٻڌايو ويو ته لاهور چيمبر جا 32 هزار ميمبر آهن ۽ 25 سيڪڙو عورتن کي ملازمت جي فراهمي جو هدف پورو ڪيو ويو آهي. صدر چيو ته لاهور چيمبر جي ميمبرن ??ي انفرادي ڪوششن سان وڏي انگ ۾ ٻارن کي اسڪول موڪلي سگهجي ٿو. منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي لا??ِ به انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي. لاهور چيمبر جي صدر ڪاشف انور صدر کي ٻڌايو ته لاهور چيمبر جي انتظام هيٺ خصوصي ماڻهن جي بحالي لا??ِ ليبارڊ جي نالي سان هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جي ذريعي هڪ لک ماڻهن کي مصنوعي اوزار فراهم ڪيا ويا آهن. شرڪت ڪندڙن سماجي ۽ طبي مسئلن تي ڪم ڪرڻ تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي جذبي کي ساراهيو.