اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چي?? 6 مختلف دستاويزن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم هائوس ۾ منعقد صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چي?? جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ شرڪت ڪئي جيڪو هڪ وفد سان گڏ س?? پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ٻنهي ملڪن سي پيڪ تي گڏيل تعاون ڪميٽي جي دستاويز تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سي پيڪ جي فريم ورڪ ۾ ايڪسپورٽ ايڪسچينج مڪينزم قائم ڪرڻ تي مفاهمت جي ياداشت، پاڪستان ۾ چي?? کي خش?? ڳاڙهن مرچن جي برآمد جي لاءِ فائيٽو سينيٽري جي ضرورتن جي پروٽوڪول ۽ ڪي ڪي ايڇ فيز 2 جي ٻيهر ترتيب جي فزيبلٽي اسٽڊي تي حتمي رپ??رٽ جي حوالي سان دستاويزن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن، جڏهن ته ان کانسواءِ پاڪستان ۽ چي?? سفارتي ذريعن سان صنعتي ڪارڪنن جي مٽاسٽا جي پروگرام سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ايم ايل ون منصوبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ فني ڪميٽي جي ايڪيهين ڪانفرنس جي منٽس تي پڻ صحيحون ڪيون آهن.