اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب باجوڙ ۾ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصانن تي پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير ??ولانا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ??يو ته باجوڙ جي علائقي خار ۾ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪريان ٿي، جنهن ۾ قيمتي جانين جو وڏو نقصان ٿيو ۽ درجنين زخمي ٿيا. پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير ??ولانا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ افسوس ڪريون ٿا. هن ??يو ته هي واقعو ثبوت آهي ته دهشتگردن جو مذهب صرف دهشتگردي آهي، کين انسانيت، معصوم جانين سان ڪو به تعلق نه آهي. وفاقي وزير ??يو ته دهشتگردي جو خاتمو پاڪستان جي بقاءُ ۽ سالميت لاءِ نهايت ضروري آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي ص??ر عطا فرمائي.