لاهور – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿي ويو. وز??راعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي مو??ب وز??راعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ گڏيل عرب امارات روانو ٿيو آهي. وز??راعظم محمد شهباز شريف پوري قوم پاران ڀائر ملڪ جي صدر سان تعزيت جو اظهار ڪندو. ناڻي وارو وفاقي وز??ر اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وز??راعظم سان گڏ آهن.