اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته پنهنجي ملڪ جي تقدير جص ضامن نوجوانن ۽ شاگردن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ڪا ٻي خوشي ناهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم ليپ ٽا?? اسڪيم جي ملڪ گير آغاز اهو سفر ٻيهر شر??ع ڪري ڇڏيو جيڪو پنجاب ۾ ميان نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم لي??(ن) جي حڪومت شر??ع ڪيو هو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اهو هڪ دلچسپ سفر ??هي ته ڪهڙي طرح انهن ليپ ٽاپس شاگردن کي انهن جي پڙهائي، ڪاروباري بڻائڻ ۽ گذريل ڏهاڪي دوران فائدي مند ڪيريئر بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. ليپ ٽا?? اسڪيم واقعي گيم چينجر ثابت ٿي ??هي جنهن جي سبب ڪام??اب?? جون شاندار ڪهاڻيون سامهون آيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته موجوده اسڪيم تحت پاڪستان جي شاگردن ۾ مرحليوار هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويندا. ماضي وانگر، شفافيت ۽ ميرٽ وصول ڪندڙن جي چونڊ ۾ رهنما اصول هوندا.