اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيھ جي بزنس ڪميونٽي پاران پاڪستان ۾ جاري شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري دلچسپي وٺڻ سٺو سنئوڻ آهي. پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهم ترڪ بزنس گر??پن سان ملاقاتن دوران انهن پاڪستان ۾ زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ تعميرات جي شعبن ۾ سيڙ??ڪا??ي ۽ واپار جي ضرورت تي روشني وڌي آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪيھ وچ ۾ 31 مئي کان آپريشنل ٿيل شئين ۾ واپار جي تاريخي معاهدي سان بهترين موقعا پيدا ??يا آهن. وزيراعظم چيو ته ايندڙ 3 سالن ۾ ٻه طرفي واپار جي ڳاڻيٽي کي 5 ارب ڊالر سالياني تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪري سگهجي ??و. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوشي جهڙي آهي ته ترڪيھ جي بزنس ڪميونٽي پاڪستان ۾ جاري شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.