اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي غذائي لحاظ کا?? پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ معياري ٻج، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ وسيلا رکي رهي آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما سان ملاقات دو??ان ڪيو. طارق بشير چيما وز??را??ظم کي آبادگار پئڪيج تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ فصلن جي حوالي سان وزارت جي منصوبابندي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن وزارت جي ايندڙ مالي سال ۾ زرعي شع??ي ۾ جدت ۽ ميڪنائيزيشن جي حڪمت عملي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني. ملاقات دو??ان وز??را??ظم ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان کي غذائي لحاظ کا?? پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومت ڪمند، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جي بهترين امدادي قيمت سان آبادگارن کي انهن جي محنت جو معاوضو يقيني بڻايو، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ معياري ٻج، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ وسيلا رکي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت زرعي پيداوار جي ويليو ايڊيشن جي لاءِ آبادگارن سان گڏجي ان شع??ي ۾ سيڙپڪاري ڪندي.