اسلام آباد – 26 – مئي (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لا??ِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي ??هيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي شهيدن ج?? قدر ڪري ٿي ۽ اها انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 مئي تي ٽانڪ ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد عتيق ۽ رجب علي جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ??عزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر زرغون بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ظهير احمد جي خاندان سان پڻ رابطو ڪيو ۽ شهيدن جي وطن لا??ِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي ??نهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن ج?? قدر ڪري ٿي ۽ انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض سان محبت کي پڻ ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئي??ن جي لاءِ صبر جي پڻ دعا ڪئي.