اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وف??قي وزير احسن اقبال 9 مئي تي پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رياستي عمارتن ۽ فوجي ملڪيتن تي حملن ج?? شديد مذمت ڪندي ان ڳالهه جو وچن ڪيو آهي ته انهن واقعن ۾ ملوث ڪردارن خلاف نرمي نه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ملڪ جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ”تڪريم شهيد ڪنوينشن“ کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو خاص مهمان وزيراعظم شهباز شريف هو جنهن ۾ شهيدن ج?? خاندانن، وزيرن، اڳوڻن فوجين، سفارتڪارن، سول سوسائٽي جي ڪارڪنن ۽ شاگردن ج?? وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ 9 مئي جي حملن ج?? مذمت ڪرڻ هو جنهن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وف??قي وزير شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ?? متاثرن ج?? خاندانن سان يڪجه??ي جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي ??ي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا جڏهن متاثرن ج?? وارثن پنهنجي شهيد پيارن ج??ن تصويرون ڏسي ۽ کين ياد ڪندي روئي پيا جڏهن ته وف??قي وزير ذاتي طور تي انهن ج?? سيٽن تي ويو ?? سوڳوار خاندانن سان ڏک ۾ شريڪ ٿيو ?? همدردي جو پڻ اظهار ڪيو. وف??قي وزير واضح ڪيو ته 9 مئي تي فوجي ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث ماڻهن سان ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته اهڙي طرح جي غير قانوني ۽ غير آئيني قدمن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو.